شاهده کوکر

شاهده کوکر

شاهده کوکر

شاهده کوکر: ناليواري ليکڪه ۽ شاعره، شاهده کوکر، 25 آڪٽوبر 1961ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليمي لحاظ کان ايم. اي (سنڌي ادب)، ايم. اي (اقتصاديات)، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم اي صحافت آهي. سندس پهريون مشاهداتي مضمون 1983ع ۾ روزاني اخبار ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڇپيو، جيڪو سندس اتساهه جو سبب بڻيو. بعد ۾ ڪيترو وقت ‘جهاتيون’ جي سري سان ڪالم لکيائين. جيڪي سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي هوندا هئا. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس ڪلام سرمد سنڌيءَ سميت غلام شبير سمون، فرزانه پروين ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن ڳايا آهن. شاهده کوکر جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ‘بري هن ڀنڀور ۾’ (ڪهاڻيون) ۽ ‘ريشمي خواب ۽ تنهائي’ (شاعري: 2016) قابل ذڪر آهن. پاڻ استادي پيشي سان وابسته آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شاهده کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.10.25  عيسوي

ناليواري ليکڪه ۽ شاعره، شاهده کوکر، 25 آڪٽوبر 1961ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فاضل خان ٺٽوي
پٺاڻ محمد اڪرم
اسحاق راهي
سيد عبدالرشيد ٺٽوي
پرمانند پياسي
رئيساڻي جي ايم
ٺٽوي امام بخش شاهه فدوي
بلوچ تاج
ڀٽي مخدوم عبدالرؤف هالائي
مير رضي الدين فدائي سبزواري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون